اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان جي مشهور ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جي لاڏاڻي تي ??هري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. عمر شريف سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي سگهندو. سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تع??لي?? مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت جي توفيق عطا فرمائي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ عمر شريف جي لاڏاڻي تي ??هري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پن??نج?? جدا جدا تعزيت?? پيغامن ۾ الله تع??لي?? کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.