اسلام آباد – 03 – آڪ??وبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاناما پيپرز دنيا جي وڏن ڪرپٽ ماڻهن جي ٻاهرئين ملڪ لڪايل اثاثن کي بي نقاب ڪيو، هاڻي چيو پيو وڃي ته آئي سي آئي جي جي هڪ ٻي تح??يق سامهون اچي رهي آهي، عمران خان امير ملڪن تي زور ڏنو آهي ته غريب ملڪن مان چوري ڪيل پئسو امير ملڪن ۾ لڪائڻ جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئ??ٽ ۾ هن چيو ته پاناما وانگر پنڊورا ليڪس ۾ غريب ملڪن جو پئسو ٻاهرئين ملڪ منت??ل ڪرڻ جا تفصيل اچن ٿا ته ان سان وزيراعظم عمران خان جي موقف کي وڌيڪ سگهه ملندي. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته اها تح??يقات به پاناما تح??يقات وانگر شفافيت جا نوان رستا کوليندي ۽ ڪرپشن جي حوصلا شڪني جو هڪ ٻيو ذريعو بڻجندي.