اسلام آبا?? – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بزرگ ڪشميري حريت اڳ??اڻ سيد علي گيلاني جي غائبانه جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاهڪار معيد يوسف سميت اعليٰ حڪومتي ش??صيتن کانسواءِ عام ماڻهن پن جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي تحريڪ جو ستارو سمجهيو ويندڙ حريت اڳ??اڻ سيد علي گيلاني جي درجن جي بلندي سان گڏوگڏ ڪشميري عوام جي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کان آزادي ۽ پاڪستان جي سلامتي جي لاءِ پڻ خصوصي دعا ڪئي وئي.