اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم حڪومت جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ويزن موجب لاهور جي علائقي سگيان ۾ دني?? جي سڀ کان وڏي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. لاهور ۾ اهڙا 53 لڳايا ??يا وڃن جيڪي لاهور جي فضا ۾ ڪاربن جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. 100 ڪينال تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي سان لڳايل انهي ٻيلي ۾ مج??وعي طو?? تي هڪ لک 65 هزار ٻوٽا پوکيا ??يا وڃن جيڪي عام ٻيلن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻي وڌيڪ رفتار سان وڌندا آهن. وزيراعظم ان موقعي تي ٻوٽو به پوکيندو. ان کانپو??ِ وزيراعظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت به ڪندو.