اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان کي دنيا ۾ پاڪستا?? جو مثبت ۽ روشن تشخص روشناس ڪرائڻو آهي، ان ڏس ۾ اطلاعات واري ??زا??ت جي آفيسر?? جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو، انفارميشن گروپ ۽ م??ڊيا تربيت جي عمل ۾ وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ انفارميشن سروسز اڪيڊمي کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد سهولتن سان ليس ڪيو ويندو. اهڙن خيال?? جو اظهار هن انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ انفارميشن گروپ، گريڊ 18 جي آفيسرن جي لاءِ ڊومين اسپيسيفڪ مڊ ڪيريئر ڪورس جي پاس آئوٽ ٿيندڙ آفيسرن ۾ ??رٽ??فڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.