اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي گهر ماڻهن کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ذاتي ڇت هر غريب ۽ گهٽ آمدني واري ماڻهو جو حق آهي، تعميراتي سرگرم??ن جي فروغ سان شروع ٿيندڙ معاشي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام کي ??ين??و. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ ۽ تعميراتي جي منظور ٿيل ۽ غور هيٺ منصوبن جي ڪل معاشي سرگرمي جو ڪاٿو 2.07 ٽريلين رپيا آهي، 17 اپريل 2020ع کان هيستائين هائوسنگ اينڊ ڪنسٽرڪشن جي ڪل 307 منصوبن ۾ 39.83 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي منظوري ڏني وئي آهي، وڌيڪ 64.12 ملين مربع فٽ زمين تي تعمير جي 526 منصوبن جي منظوري جو عمل غور هيٺ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هيستائين منظور ٿيل منصوبن جي نتيجي ۾ 796.5 ارب رپ??ن جي معاشي سرگرمي پيدا ٿي رهي آهي، غور هيٺ منصوبن جي منظوري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 1.28 ٽريلين رپ??ن جي معاشي سرگرمي پيدا ??ين??ي، انهن منصوبن جي نتيجي ۾ اڍائي لک ماڻهن کي سڌوسنئون جڏهن ته ساڍا چار لک ماڻهن کي اڻ سڌي طرح نوڪر??ن جا موقعا ملندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايل ڊي اي پاران 11.03 ملين مربع فٽ زمين تي تعميرات جي 3435 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته 700 منصوبا منظوري جي لاءِ غور هيٺ آهن، راولپنڊي ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاران 4.8 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي هيستائين 67 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته 51 منصوبا غور هيٺ آهن. سي ڊي اي پاران 12.8 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي 121 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته 18.7 ملين مربع فٽ تعميرات جا 142 منصوبا منظوري جي لاءِ غور هيٺ آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران 9.1 ملين مربع فٽ جي 33 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته 40.8 ملين مربع فٽ جا 269 منصوبا منظور??ن جا منتظر آهن. وزيراعظم سنڌ ۾ منظور??ن جي عمل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته تعميراتي سرگرم??ن جي فروغ سان پيدا ٿيندڙ معاشي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام ۽ صوبي کي ??ين??و. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڏي عرصي کان منظورين سبب التوا جو شڪار ٿيندڙ تعميراتي منصوبن جا سمورا ڪيسز نيب ڏانهن موڪليا ويندا ته جيئن ذميوارن جو تعين ڪري سگهجي ۽ ڄاڻي واڻي دير ڪندڙ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي.