اسلام آباد – 19 211; ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب موت جي شرح ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي، جيڪڏهن ايس او پيز تي ع??لدرآمد کي يقيني نه بڻايو ويو ته صو??تحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندي، حڪومت طرفان وبا جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن تي مطئمن آهيان پر عوام کي اپيل آهي ته هو حالتن جي نزاڪت کي سمجهي ۽ احتياط ڪري. نجي ٽي وي چيئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صو??تحال جي ڪري موسم ۽ رهڻي ڪهڻي فيڪٽر?? آهن، جيڪڏهن ماڻهو احتياط ??ن ته ڪورونا خلاف جنگ تيزي سان کٽي سگهجي ٿي، ٻي صو??ت ۾ حڪومت سخت فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.