اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادر?? تي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاران پاڪستان جي خلاف جعلي فليگ آپريشن جي بيوقوفي ڪئي وئي ته ان جو هر سطح تي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارت پاران 2020ع ۾ لائن آف ??نٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊر?? تي سيز فائر جو?? ٽي هزار خلاف ورزيون ڪيون ويون آهن، هروڀرو ۽ ڄاڻي واڻي شهرين کي نشان?? بڻائڻ جي نتيجي ۾ 276 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جنهن مان 92 عورتون ۽ 68 ٻار شامل آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ انڊيا بابت فوجي مبصر گروپ جي گاڏي کي ڄاڻي واڻي نشان?? بڻائڻ عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، ان گاڏ?? تي گڏيل قومن جو واضح نشان ۽ نيرو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو، ڀارت جو اهو قدم ڪنهن به ذميدار رياست جي قدرن، عالمي ۽ گڏيل قومن جي قانونن کان منهن موڙڻ جي برابر آهي.