اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل خميس ڏينهن ??لا??ات ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر کي هدايت ڪئي ته ڀنڊار ٻيٽ بابت معاملا سنڌ حڪومت سان گڏجي طئي ڪيا وڃن، وزيراعظم چيو ته ڀنڊار ٻيٽ منصوبي سان سيڙپڪاري ۽ ر??زگار جا خاطر خواهه موقعا ميسر ايندا. سنڌ جي گورنر ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان تي اڳڀرائي جي حوالي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني.