اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ ??شر??ات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اطلاعات ۽ ??شر??ات و??ري وزارت کي هدايتون ڏنيون آه?? ته ميڊيا کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جلد مڪمل ڪئي وڃي، ميڊيا کي صنعت جو درجو ملڻ کانپوءِ ٽيڪس رليف سميت هر سطح تي آسانيون ۽ مراعتون ملي سگهنديون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ميڊيا کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آه??، ڪميٽي ايوان ۾ حذف ٿيل سينيٽر نعمان وزير جي لفظن جي خبر شايع ڪرڻ تي جنگ ميڊيا گروپ کي وضاحت پيش ڪرڻ جي لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي آه??، پيمرا کي هدايت ڪئي ته سياسي قيادت جي ڪردار ڪشي ۽ جعلي خبرن جي حوالي سان هيستائين ڪيل ڪارروائي بابت تفصيلي رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي، سينيٽ جي اطلاعات ۽ ??شر??ات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ ??شر??ات وارو سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، پي آءِ او شاهيرا شاهد سميت اطلاعات ۽ ??شر??ات و??ري وزارت جي ذيلي ادارن جا عملدار به موجود هئا.