اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ سڀئي صلاحيتون استعمال ۾ آڻي ??هيا آهيون، موجوده حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، پاڪستان جي 22 ڪر??ڙ عوام مظلوم ۽ معصو?? ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، عالمي برادري جي خاموشي اسان کي ترغيب ڏي ٿي ته ڪشميرين جي لاءِ جيڪو به ڪرڻو آهي اهو اسان کي ڪرڻو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو وڪيل ۽ سفير بڻجي عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي کي بهترين انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ نون چ??نڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.