اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ تعميرات جي شعبي ۾ حڪومتي مراعاتي پئڪيج جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين ۽ مختلف هائوسنگ منصوبن جي تعمير جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات وار?? خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ??ار??باري برادري جي نمائندگي ناليواري ??ار??باري شخصيت عارف حبيب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي پاليسين جي ڪري معاشي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي. ڪورونا جي ڪري نه رڳو علائق??ئي پر سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي پر حڪومت جي بهتر حڪمت عملي جي ڪري جتي ڪورونا جي نقصانن کي هر ممڪن حد تائين روڪيو ويو اتي ڪورونا ۾ گهٽت??ئي آڻڻ کانپوءِ ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌي رهيون آهن. ان حوالي سان عارف حبيب فرٽيلائيزرز، اسٽيل جي شعبي، ريئل اسٽيٽ ?? ٻين شعبن ۾ جولاءِ جي مهيني ۾ سامهون ايندڙ بهتري بابت وزيراعظم کي بريف ڪيو. عارف حبيب ??ار??باري برادري ۽ خاص طور تي تعميراتي شعبي سان واڳيل ڪمپنين ۽ سيڙپ??ار?? جي نمائندگي ڪندي حڪومت پاران مراعاتي پئڪيج، سهولت??ار?? ۽ نظام کي آسان بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت پاران تعميرات جي شعبي ۾ ??ار??خي مراعتن ۽ سهولت??ار?? سان ??ار??باري برادري جي حوصلا افز??ئي ٿي آهي.