اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مختلف ملڪن ۾ ڪرونا وائرس جي وبا سان وڏي انگ ۾ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته گڏيل ڪوششن سان ان وبا تي ??ابطو آڻي وٺنداسين. سين??ٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي يورپي حڪومتي ??ربراهن، عمان جي شوريٰ ڪائونسل جي اسپيڪر ۽ چين جي عالمي ترقي جي وزير ??ي خط لکيا آهن جن ۾ ڪرونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي پاڪستان جي پارليامينٽ پاران گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان پاران هر قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي وئي آهي.