اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ڪرونا وائرس جي وبا جي خلاف جنگ ۾ مدد لاءِ ڪرونا وائرس رليف فنڊ 2020ع قائم ڪيو ويو آهي، هر شخص کي ان فنڊ ۾ عط??و ڏيڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئون چاهيان ٿو ته سڀ ان فنڊ ۾ حصو وجهن ته جيئن انهن ماڻهن جي سارسنڀال ٿي سگهي جن کي لاڪ ڊائون بدحالي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پنهنجا قابل ٽيڪس عط??ا نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي ڪراچي ۾ مرڪزي برانچ ۾ اڪائونٽ نمبر 4162786786 تي موڪلين، اڪائونٽ جي مڪمل تفصيل ۽ عط??ن جي منتقلي جي حوالي سان هدايتون www.nbp.com.pk/covidfund/index.aspx تي دستياب آهن.