اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) تعليم واري و??اقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته قوم ??ي خاطري ڪرايون ٿا ته ڪرونا وائرس جي وبا جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ سڄي قوم ک?? گڏ کڻي هلنداسين، قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، ان ۾ سمورن صوبن کي به گهرايو ويو آهي جنهن ۾ ان حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويندا، هر ملڪ ان بيماري جي خلاف پن??نج?? طور قدم کڻي رهيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سان اٿاريل اعتراض وارن نقطن جو جواب ڏيندي و??اقي وزير شفقت محمود چيو ته واقعي وڏي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، حڪومت ان صورتحال کان آگاهه آهي ۽ قدم کنيا پيا وڃن.