اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي و??ري شهر ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري جي حوصلا افز??ئي ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد هر لحاظ کان هڪ ماڊل سٽي هجڻ گهرجي، ڪمزور طبقي جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ وڏن ڏوه??ري پيشي عنصرن ۽ مافيا جي خلاف وڌيڪ گهيرو تنگ ڪيو وڃي، سي ڊي اي ۾ سڌارن جو بنيادي مقصد ع??ام کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي ۽ اقتصادي عمل ۾ نمايان اضافو هجڻ گهرجي ته جيئن روزگار ج?? موقعا فراهم ٿين ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي و??ري شهر اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال، ترقياتي معاملن ۽ شهرين کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.