اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحولياتي ت??فظ حڪومت جي اولين ترجيحن ?? شامل آهي، درآمدي پلاسٽڪ تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ جامع منصوبو بڻايو وڃي، چ??ن جي پلاسٽڪ جي درآمد تي پابندي جي پاليسي کي به غور هيٺ آندو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گندڪچري جي انتظام جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ خاص مددگار ملڪ امين اسلم ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ساليانو 30 ملين ميٽرڪ ٽن گندڪچرو ميونپسل سطح تي پيدا ٿيندو آهي، پلاسٽڪ ڪچرو سموري ڪچري جو 10 کان 14 س??ڪڙ?? آهي ۽ سال 2050 تائين ان جو مقدار ٻيڻو ٿي ويندو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سال 2020ع ۾ پيدا ٿيندڙ 3.9 ملين ٽن پلاسٽڪ ڪچري مان صرف 30 س??ڪڙ?? ري سائيڪل ٿيندو آهي، پاڪستان گذريل مالي سال 2.4 ارب روپ??ن جي لاڳت جو 35651 ٽن پلاسٽڪ درآمد ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ماحولياتي ت??فظ حڪومت جي اولين ترجيحن ?? شامل آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته درآمدي پلاسٽڪ تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ جامع پلان جوڙيو وڃي. ان ڏس ۾ چ??ن جي پلاسٽڪ جي درآمد تي پابندي جي پاليسي کي به غور هيٺ آندو وڃي.