اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان ??ڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا وائرس سبب 105 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 312 ماڻهن جا ڪور??نا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ??لتان ۾ 81 سي??ڙو?? لاهور ۾ 79 سي??ڙو?? گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 68 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪور??نا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ??شاور ۾ 84 سي??ڙو?? راولپنڊي ۾ 64 سي??ڙو?? گجرات ۾ 80 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 54 هزار 948 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 392، پنجاب ۾ 25 هزار 871، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 90، اسلام آباد ۾ 8 هزار 711، بلوچستان ۾ هڪ هزار 257، گلگت بلتستان ۾ 467، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 160 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 25 هزار 789 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به م??يض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 509 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ا??ڪٽ?? ڪيسز جو انگ 69 هزار 811 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا وائرس کان ??تاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 10 هزار 829 آهي.