لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پ??جا?? ۾ زرعي پيداوار جي صل??حيت ۾ اضافي ۽ ويليوچين جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، پ??جا?? جو وڏو وزير سردار عثمان احمد بوزدار، صوبائي وزيرن سيد حسين گرديزي، محمد سبطين خان، وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پ??جا?? جي وڏي وزير جي صل??حڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه زرعي پيداوار ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب اضافي ۽ ويليو چينز جي فروغ جي حوالي سان تجويزن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي آبادگارن جي مالي مدد جي لاءِ آبادگار ڪارڊ جاري ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پ??جا?? حڪومت زرعي پيداوار جي صل??حيت ۽ معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ هر زرعي پروڊڪٽ جي ويليو چين جي لاءِ ڌار ۽ جامع ايڪشن پلان جوڙي.