اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) ڪا??ينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ ويڪسين جي خريداري جي ڏس ۾ 15 ڪروڙ ڊالر جي فني ضمني گرانٽ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ويڪسين جي پهرين ک??پ 5 سيڪڙو آباد يعني عوام ۽ فرنٽ لائين جي ورڪرن ۽ 65 سال کان وڌيڪ عمر جي شهرين ک?? فراهم ڪئي ويندي، ان انتظام تحت هڪ ڪروڙ ماڻهن ک?? ويڪسين ڏني ويندي، اجلاس ۾ جنوري کان جون 2021?? تائين جي توسيع مدي ۾ گروپ 20 ملڪن جي قرضن جي سهولت جي قدمن لاءِ باضابطه درخواست ڏيڻ جي ڏس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت جي درخواست جي منظوري به ڏني وئي آهي، ڪا??ينا جي اقتصادي رابطا ڪيتي جو اجلاس هتي وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، اقتصادي معاملن واري وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جي اداره جاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، پيٽروليم واري صلاحڪار نديم بابر ۽ وزيراعظم جي روينيو وارو خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر وقار مسعود شرڪت ڪئي،