اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ منصفاڻو بڻ??ئڻ جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، توانائي جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ سبسڊي جي نظام ۾ سڌارن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن مستحقين ۽ غربت جو شڪار ??اڻ??ن کي شفاف ۽ منظم طريقي سان معاونت فراهم ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاور سيڪٽر سان لاڳاپيل سڌارن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي ص??ارت ڪندي ڪيو.