اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان ??وجب اجلاس ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد با??وه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي، چيف آف ??يئ?? اسٽاف ??يئ?? چيف مارشل مجاهد انور خان ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان جي خودمختياري جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.