اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) ڪابينا ??ي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نجي شعبي ۾ پن بجلي منصوبن لاءِ 2002ع جي بجلي جي پيداواري منصوبن جي پاليسي تحت عملدرآمد جي معاهدن، حڪومت پاڪستان جي گارنٽي، بجلي جي خريداري جي معاهدي ۽ پاڻي جي استعمال جي معاهدي جهڙن نظرثاني ٿيل اسٽينڊرڊ سيڪيورٽي پيڪيج دستاويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اي سي سي ڌاڳي، سينٽيري ويئر، ايل اي ڊي/??ي ويز، پيڊ لاڪ، ڪمبل، اليڪٽروڊ?? سميت اسمگل ٿيندڙ شين تي ??يگوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ يا ان ۾ گهٽت??ئي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو