اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورن صوبائي وڏن وزيرن طرفان ڪيل فيصلن تي عملدرآ??د لاءِ مروجه پلان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي موڪليا وڃن ته جيئن فيصلن تي عملدرآمد کي موثر ۽ يقيني بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ اين سي او سي ڪيل فيصلن تي آئنده جي لائحه عمل، سياحت جي شعبي کي کولڻ بابت تجويزن ۽ ايس او ??يز تي عملدرآمد جي حوالي سان غور ڪيو، اسد عمر جو وڌيڪ چو?? هو ته صوبائي چيف سيڪريٽريز سان عملدرآ??د لاءِ جوڙيل لائحه عمل اين سي او سي ۾ پيش ڪيو وڃي، هن خبردار ڪيو ته بازار، پبلڪ ??را??سپورٽ ۽ صنعتي شعبا انتهائي خطرناڪ جايون آهن جتي ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو تمام گهڻو آهي جنهن جي لاءِ ايس او ??يز تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.