اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چين جي زونرجي ڪمپني لميٽيڊ جي ??در رچرڊ جي گوو، نائب ??در ڪيون چيو ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪار??ور??شن جي جنرل مئنيجر لي ڪان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي ڪرونا رليف فنڊ لاءِ 50 لک رپين جو عطيو ڏنو. هنن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي 30 لک رپيا ماليت جو طبي سامان پڻ عطيو ڪيو جنهن ۾ 30 هزار ماسڪ، هڪ سو اين 95 ماسڪ ۽ 300 حفاظتي سوٽس شامل آهن.