اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿيلسيميا ۾ ورتل ٻارن جي ??اءِ عوام کي رت جي عطين جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ٽرانسپورٽ سميت ٻين پابندين جي ڪري ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي ??اءِ رت جا عطيا گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي فراهمي ۾ مشڪلاتون درپيش آهن?? ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي ??اءِ رت جو عطيو ڏيو ڇو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت هڪ عظيم نيڪيءَ آهي?? ٿيلسيميا جو شڪار ٻارن جي زندگي جو دارومدار رت جي عطيي تي هوندو آهي، رت جو عطيو ڏيندڙن جي حوصلا ا??زا??ي ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف نائن پارڪ ۾ قائم ٿيلسيميا سينٽر جي دوري تي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.