اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) وفاق، چئني صوبن بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اطلاعات ۽ ن??ريات وارن وزيرن ۽ ترجمانن ڪرونا وائرس کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، فرنٽ لائن تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي ڪرونا وائرس کان بچائڻ جي لاءِ ??فاظتي ڪٽس جي فراهمي، ڪرونا وائرس بابت خوف ۽ حراس تي ضابطو آڻڻ ۽ فيڪ نيوز جي تدارڪ جي لاءِ ??وبائي سطح تي فوري قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي، قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن کي عام ڪرڻ ۽ ڪرونا جي خاتمي واري مهم لاءِ وفاقي اطلاعات ۽ ن??ريات واري وزارت 5 ڪروڙ رپين جو خاص فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي اطلاعات واريون وزارتون به ان ۾ پنهنجو حصو وجهنديون، ٻاهرئين ملڪن ما?? ا??ندڙ امداد، وزيراعظم رليف پئڪيج، اين ڊي ايم اي امدادي پلان تحت سمورن صوبن کي برابر امداد جي ورڇ لاءِ ??ڪمت عملي جوڙي ويندي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ ن??ريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي صدارت ۾ اطلاعات وارن وزيرن ۽ ترجمانن جي وڊيو ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي.