اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هوالي سان آئوٽ آف دي باڪس حل ۽ تجويزن تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ماضي ??ي حڪومتن عوام جي قوت برداشت ک?? نظر ۾ رکڻ کانسواءِ ۽ ملڪي مفادن کي پٺتي رکندي مهانگا ۽ غيرمنطقي معاهدا ۽ انتظام ڪيا جنهن جو نتيجو مهانگي بجلي ۽ گردشي قر?? جي صورت ۾ برآمد ٿيا آهن، موجوده حڪومت جي اولين ترجيح عوام خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ۽ غربت جو شڪار ماڻهن ۽ صنعتن جو فروغ آهي ته جيئن معيشت جو ڦيٿو هلي. هن اها ڳالهه بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي رليف ڏيڻ جي ل??ءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.