اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر ۽ ثابت قدم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جن ظلم ۽ ڏاڍ کان آزادي ۽ پنهنجي خودمختي??ري جي حق جي لاءِ 7 ڏهاڪن کان ج??ري جدوجهد ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، 5 آگسٽ جي ڀارتي غيرقانوني ڪاررواين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستاني عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي، پاڪستان هر فورم تي ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو اٿاريندو رهندو، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختي??ري جو حق ملڻ تائين ڪشميري عوام جي ??يا??ي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ج??ري رکندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ج??ري پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.