اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان ٽيليويزن جي ماضي ۾ سڄي دنيا ۾ ساراهجندڙ تشخص جي بحالي جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي پي ٽي وي کي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ لاءِ اداري جي موجوده بنيادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن جي ڀرپور استعمال جي تجويز ڏني آه??. ڪمي??ي تعليمي مقصدن جي لاءِ مخصوص چينل قائم ڪرڻ جي پڻ تجويز پيش ڪئي. قوم?? اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين پولين بلوچ جي صدارت ۾ پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پي ٽي وي بابت ايجنڊا ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. ڪميٽي پي ٽي وي کي فيملي چينل جو تشخص برقرار رکڻ ۽ ان کي موجوده رجحانن سان هم آه??گ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪميٽي چيو ته پي ٽي وي وٽ انساني وسيلن جي بي پناهه صلاحيت ۽ جديد ترين انفراسٽرڪچر موجود آه?? جنهن کي ان جي اڳوڻي حيثيت ٻيهر حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. ڪميٽي هڪ تعليمي چينل جي تجويز پڻ ڏني ڇو ته ڪوويڊ 19 دوران پي ٽي وي جي ذريعي تعليم فراهم ڪرڻ جو تجربو ڪامياب ثابت ٿيو هو. ڪميٽي پيمرا ۽ پي آءِ ڊي کي هدايت ڪئي ته اهي ميڊيا ورڪرز جي پگهارن ۽ رهتن جي ادائيگي تي پنهنجون ڪوششون جاري رکن. پي ٽي وي ۽ پي بي سي جي مستقل سربراهن جي مقرري جي حوالي سان ڪميٽي جي اڳوڻي اجلاس جي سفارشن تي عملدرآمد بابت آگاهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??يڪريٽري عنبرين جان ٻڌايو ته ٻنهي ادارن جي بورڊز جي نئين سر جوڙجڪ جو عمل جاري آه?? ۽ اميد آه?? ته ڪجهه ڏينهن ۾ اهو ڪم مڪمل ٿي ويندو. پي بي سي جي مستقل ڊائريڪٽر جنرل ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي مقرري بورڊ جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ ڪئي ويندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته معاشري جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ٻنهي ادارن جي بورڊز ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آه??. پي ٽي وي جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي ۾ موجوده انساني وسيلن، مالياتي صورتحال، مارڪيٽنگ جي حڪمت عملي ۽ پيداواري سرگرمين بابت جامع پريزنٽيشن ڏني. هن ٻڌايو ته سرڪاري نشرياتي اداري کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي ضرورت کي ڏسندي موجوده حڪومت قدمن جو سلسلو شروع ڪيو آه?? جنهن ۾ نجي شعبي مان اينڪرز جي شموليت، جديد اوزارن ۾ سيڙپڪاري، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي ترقي کانسواءِ مواد جي جدت شامل آه??. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ مالياتي حڪمت عملي جوڙي وئي آه?? جنهن ۾ چٽاڀيٽي اگهن تي اشتهارن جي لاءِ موجوده مالياتي حڪمت عملي کي بهتر بڻائڻ، بجيٽ ڪنٽرول قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ آپريشنل لاڳت ۾ گهٽتائي شامل آه??. هيومن ريسورس جي اصلاح جي حوالي سان مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي ٻڌايو ته پي ٽي وي جي ملازمن کي جديد نشرياتي ٽيڪنالاجي، مواد جي تخليق ۽ انتظام جي تربيت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن جدت کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ باصلاحيت تخليقي نوجوان ٽيلينٽ کي سامهون آڻي سگهجي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن پي ٽي وي کي پنهنجي ناظرين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ موجوده دور جي گهرجن موجب تبديلي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پي ٽي وي جي حالات حاضره جي پروگرامن ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن کي گهرائڻ تي پڻ زور ڏنو. ڪميٽي ميمبرن پي ٽي وي ۾ پروڊڪشن سهولتن جي بحالي تي زور ڏنو جنهن کي ماضي ۾ سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو هو. هن قومي خزاني تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ميڊيا ادارن جا وسيلا گڏ ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني. ڪميٽي سمورين پي ٽي و?? اسٽيشنن تي عملي، انفراسٽرڪچر ۽ گاڏين جي تفصيل کانسواءِ نجي شعبي مان ڀرتي ڪيل اينڪرز کي ملندڙ پئڪيجز جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ اداري جي مارڪيٽنگ جي حڪمت عملي بابت جامع پريزنٽيشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ قوم?? اسيمبلي ميمبرن محمد حنيف عباسي، ڪرن عمران ڊار، مهتاب اڪبر راشدي، شرميلا فاروقي، سحر ڪامران، سيد امين الحق، محمد مقداد علي خان، مولانا عبدالغفور حيدري، بئريسٽر دانيال چوڌري، اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري، پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، پرنسپل انفارميشن آفيسر پي آءِ ڊي، ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان، پيمرا چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.