اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وف??قي حڪومت نئين مالي سال 24 – 2023ع جي اٽڪل 14 ٽريلين رپيا ماليت جي وف??قي بجيٽ سڀاڻي (جمعي) ڏينهن پيش ڪندي، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وف??قي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي ا??يمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. حڪومت ملڪي ۽ عالمي سطح تي معيشت کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي نظر ۾ رکندي بجيٽ ٺاهي وئي آهي. نئين مالي سال جي وف??قي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ، زرعي شعبي جي ترقي ۽ زرعي صنعت ۾ نواڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي جو فروغ، روانگي واپار ۾ اضافي، صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ ۽ معيشت کي دستاويزي بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. حڪومت عوام ۽ ڪاروبار دوست وف??قي بجيٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح سان پرعزم آهي. نئين مالي سال جي وف??قي بجيٽ ۾ خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مالياتي ا??تحڪام جي پاليسين تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي. ٻاهرئين مالياتي ا??ائيگين جي انتظام کانسواءِ اوڳاڙين ۾ اضافي، اقتصادي ا??تحڪام ۽ ترقي جي لاءِ قدمن، غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ملڪ ج?? سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي جي لاءِ عوام دوست پاليسيون بجيٽ ۾ شامل ڪيون وينديون. نئين مالي سال جي وف??قي بجيٽ ۾ گورننس ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سڌارا متعارف ڪرائڻ کانسواءِ سماجي شعبي جي ترقي تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. حڪومت ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ، ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. جاري مالي سال دوران اوڳاڙين جي مضبوط واڌويجهه کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاران مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ اوڳاڙين جي وصولي جو هدف 9 ٽريلين رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب نئين مالي سال 24 – 2023ع جي وف??قي بجيٽ جي لاءِ سموريون تياريون جاري آهن.