اسلام آباد -03 جون (اي پي پي)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان ليمڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبرو اوزدمير جي ترڪيه ۾ ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ تعم??را??ي انفرااسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ دستياب موقعن جي ڳولا باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنه??جي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ان سلسلي ۾ ليمڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبرو اوزدمير پاڪستان ۾ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن سان سڌو سنئون ڳا??هين لاءِ جلدي پاڪستان جو دورو ڪندي. اطلاعات واري وزير چيو ته ان جي دوري جو مقصد پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ سهڪار لاءِ گڏيل منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ آهي. وز??را??ظم شهباز شريف سان ترڪيه ۾ ملاقات دوران ايبرو اوزدمير گلوبل انجنيئرنگ گرلز (جي اي جي) پراجيڪٽ جي حوالي سان تفصيلن جي ڏي وٺ ڪئي. گلوبل انجنيئرنگ گرلز پراجيڪٽ نيڪسٽ جنريشن بابت عورت انجنيئرز، ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم، رهنمائي ۽ ڪيريئر جا موقعا فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ هي منصوبو تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي انجنيئرنگ ۽ رياضي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي تجربو فراهم ڪندو ?? کي?? پنهنجو مستقبل بهتر بڻائڻ جي قابل بڻائيندو.