ڪراچي – 02 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته ??هي صحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ پنهنجي خدمتن کي وڌائين ۽ عوام تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن، قومي معيشت ۾ انشورنس سيڪٽر جو حصو خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي، تيزي سان واڌويجهه حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوامي سطح تي بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ آگاهي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ وفاقي انشورنس محتسب سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ ”انشورنس سيڪٽر جي ترقي ۾ محتسب جو ڪردار“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ڪومت پنهنجي سوشل سيفٽي نيٽ، سرڪاري شعبي ۾ صحت جي خدمتن جي فراهمي، قدرتي آفتن ۽ حادثن جي صورت ۾ معاوضي جي شڪل ۾ سماجي تحفظ ۽ امداد فراهم ڪري رهي آهي پر ملڪ جي پوري آبادي کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??حت جا خرچ خاص طور تي گهٽ آمدني واري طبقي جي ماڻهن جي لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي ۽ ملڪ ۾ هيلٿ انشورنس جي خدمتن جا وسيع امڪان موجود آه?? ڇو ته ??هي خدمتون نه رڳو موجوده خال کي ڀري سگهن ٿيون پر ضرورت جي وقت تمام گهڻي اهميت به اختيار ڪري سگهن ٿيون. زرعي شعبي جي لاءِ بيمي خدمتن جي ضرورت تي زور ڏيندي صدر چيو ته ??راعت معيشت جو هڪ ٻيو اهم شعبو آهي جنهن ۾ انشورنس جون خدمتون ۽ مصنوعات محدود آهن جڏهن ته ??ن حوالي سان اڳڀرائي پڻ سست رفتاري جو شڪار آهي. تيزي سان ترقي ڪندڙ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز کي استعمال ڪندي عوام جي انشورنس تائين پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو جڏهن ته ??وام جي شڪايتن ۽ فيڊ بيڪ جي لاءِ دروازا کليل رکڻ گهرجن. هن چيو ته ??نشورنس ڪمپنين کي عوام ۾ پنهنجو بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ۽ وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر انشورنس ڪمپنين جي خلاف عوامي شڪايتن جي وقت سر حل ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ??ها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته قانوني چاره جوئي بدران ثالثي جي ذريعي تڪرارن جي حل جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن. ان کان اڳ وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل ايف آئي او سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين ??ي روشني وجهندي ٻڌايو ته ??ڪايت ڪندڙن کي فراهم ڪيل ماليا??ي ريليف جو ڪاٿو 2019ع ۾ 410 ملين رپيا هو جيڪو 2022ع ۾ 2.54 ارب رپيا ٿي ويو. هن چيو ته ??ڪرارن جي حل لاءِ عدالتي ڪ??رر??ائي بدران ثالثي جو طريقو اختيار ڪرڻ جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.