اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشو??نس ڪمپني کي فوتي پاليسي هولڊر جي بيواهه کي ڊيٿ انشو??نس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. انشو??نس ڪمپني فوت ٿي ويل مڙس پاران ڄاڻي واڻي بيماري لڪائڻ جي عذر تي بيواهه کي انشو??نس ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهو فيصلو شڪايت ڪندڙ شهناز اختر پاران وفاقي انشو??نس محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل ڪيل اپيل کي قبول ڪندي ڏنو جنهن تحت ان ڪيس کي ان بنياد تي بند ڪ??ي اڪلايو ويو هو ته بيواهه کي ان جي مرحوم مڙس جي اڪائونٽ مان ڏيڍ لک رپين جي ڪٽوتي ڪيل پريميئم جي رقم واپس ڪئي وئي آهي ۽ جيئن ته معاملو همدرديءَ جي بنياد تي طئي ٿيو هو، اهڙي طرح ڪمپني موت بيمي جي دعويٰ جي ادائيگي جي ذميوار ناهي رهي. وفاقي انشو??نس محتسب جي فيصلي جي خلاف شڪايت ڪندڙ صدر وٽ هڪ درخواست داخل ڪئي، جنهن کي هن قبول ڪري ورتو. پنهنجي فيصلي ۾ صدر قرار ڏنو ته انشو??نس ڪمپني موت جي سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي ان دعويٰ کي رد ڪ??ي ڇڏيو ته جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته فوتي لاڏاڻو ڪري وڃڻ کان هڪ سال اڳ کان ذيابيطس ۽ جگر جي بيماري ۾ مبتلا هو پر سرٽيفڪيٽ ۾ اهڙو ڪو مدو نه ٻڌايو ويو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته انشو??نس ڪمپني لاهور جي هڪ اسپتال پاران 2917ع ۾ جاري ڪيل ايڊميشن چارٽر تي دارومدار ڪري ??هي هئي جڏهن ته پاليسي سال 2015ع ۾ جاري ڪئي وئي هئي، اهڙي طرح اهو انشو??نس جي مدي بابت نه هو. هن سال 2009ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هائي بلڊ پريشر، ذيابيطس جهڙين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جي اڪثريت پنهنجي زندگي ۾ محتاط ??هي ڏهاڪن تائين زندهه ??هي ٿي ۽ اهڙي بيمارين کي لڪائڻ دوکيبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي. صدر چيو ته انشو??نس ڪمپني وٽ اهڙي طرح جي ناقص بنيادن تي انشو??نس ڪليم کي رد ڪ??ڻ جو جواز نه آهي. صدر پنهنجي حڪم ۾ قرار ڏنو ته انشو??نس ڪمپني پاران بدانتظامي ٿي، ان لاءِ وفاقي انشو??نس محتسب جي فيصلي کي رد ڪيو وڃي ٿو. صدر انشو??نس ڪمپني کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته اها صدر جي حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر شڪايت ڪندڙ کي انشو??نس ڪليم ادا ڪري.