اسلام آباد -05 مارچ (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ت?? وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي ڪ??نفرنس ۾ شرڪت لاءِ 2 ڏينهن جي دوري تي دوحه پهچي ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ت?? وزيراعظم اڄ شروع ٿيل گڏيل قومن جي گهٽ ترقي يافته ملڪن جي ڪ??نفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته قطر جي امير ڪانفرنس ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ وزيراعظمن جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو. هن چيو ت?? وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. مريم اورنگزيب چيو ت?? وزيراعظم 6 مارچ تي ڪ??نفرنس کي به خطاب ڪندو.