اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري ميمبر ايگريمينٽ (ٽيفا) ڪائونسل جو نائون اج??اس هن وقت واشنگٽن ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ٽيفا ڪائونسل جي اج??اس جي گڏيل ص??ارت وفاقي وارو وزير سيد نويد قمر ۽ آمريڪي واپاري نمائندو ڪيٿرين تائي ڪئي. ٽيفا ٻنهي ملڪن کي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ هڪ فورم فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ آمريڪي مارڪيٽ تائين پاڪستاني برآمدات جي پهچ جي ڳولا به شامل آهي. ترجم??ن چيو ته اج??اس ۾ ڌريون واپار، سيڙپڪاري، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ آءِ ٽي تعاون ۾ گذريل سال ٿيندڙ ٽيفا انٽر سيشن اج??اس کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي طريقي سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندي. هن چيو ته اڄ جو ٽيفا ڪائونسل جو اج??اس هن سال آمريڪا سان اعليٰ سطحي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل آهي. ترجم??ن چيو ته اهو تعاون جي وسيع البنياد ٻطرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مثبت رفتار وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين ??اڳ??ل اهميت جي نشاندهي ڪري ٿو. آمريڪا پاڪستان ٽيفا ڪائونسل جو آخري اج??اس 2016ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو.