اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ورڪنگ جرنلسٽ جي سيفٽي، ٽريننگ سميت انهن جا درپيش مسئلا حل ڪيا ويندا. اه?? ڳالهه هن م??اق??ت جي لاءِ آيل مري پريس ڪلب جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين جي گروپ انشورنس جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. ان کان اڳ صحافين جي پگهارن جي ادائيگي جي حوالي سان اهم ترميمون آنديون پيون وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير مري پريس ڪلب جي ??فد جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا. ان موقعي تي هن چيو ته صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهيون، ان جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. م??اق??ت ۾ مري جي سياحتي اهميت پريس ڪلب ۽ صحافين جي درپيش مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ??فد ۾ مري پريس ڪلب جي صدر عبدالحميد عباسي، چيئرمين شفقت عباسي، جنرل سيڪريٽري ياسر عباسي ۽ سينيئر ميمبر اويس الحق ۽ ابوذر عباسي شامل هئا.