اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، معاشي ترقي ۽ نوجوانن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري ??لوچستان جي م??رومين کي ختم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي وقتي گورنر جان محمد جمالي ۽ س??ني??ر ثنا جمالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ بلوچستان ۾ جاري ??رقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بلوچستان جي وقتي گورنر جان محمد جمالي ۽ س??ني??ر ثنا جمالي بلوچستان جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن ۽ گوادر بندرگاهه کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ حڪمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.