اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پشاور ۾ پوليس لائينز جي مسجد ۾ خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو مسجد تي حملو اسلام، قرآن، مسلمانن ۽ پاڪستان سان نفرت جو ث??وت آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب شهيدن کي خراج عقيدت ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ??اڪستان جا د??من غلط فهمي جو شڪار آهن ته ??عصومن جو رت وهائي دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين صوبو آهي، افسوس 10 سالن ۾ ان خطري کي نظرانداز ڪرڻ جي ڏوهاري غلطي ڪئي وئي. هن چيو ته ??ائد نواز شريف دهشتگردي جو خاتمو آندو هو، هڪ ڀيرو ٻيهر انهي عزم ۽ حڪمت عملي سان ان کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. اط??اعات واري وفاقي وزير شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. اط??اعات واري وفاقي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.