اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي بدعنواني جي بنيادي سببن جو پتو لڳائڻ ۽ بدعنواني جي ڪاررواين کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪرپشن کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ پرعزم، ٺوس ۽ مخلصاڻيون ڪوششون ڪرڻ سان ئي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان اڀري سگهي ٿو. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته معاش??ي جي سمورن طبقن جي ڪوششن کانسواءِ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن نه آهي، ڪرپشن عدم استحڪام ۽ غربت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ڪرپشن ڪمزور ملڪن کي رياستي ناڪامي طرف وٺي وڃي ٿي. صد?? چيو ته پاڪستان ۾ بدعنواني جي خاتمي ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ بدعنواني جي سمورين صورتن کي ختم ڪرڻ، حڪومتي نظام ۾ شفافيت ۽ احتساب جي فروغ جي عزم کي ورجايون ٿا. صد?? چيو ته بدعنواني جي بنيادي سببن جو پتو لڳائڻ ۽ بدعنواني جي ڪاررواين کي بي نقاب ڪرڻ ضروري آهي. ڪرپشن اسرندڙ ۽ ترقي يافته ملڪن کي درپيش هڪ سنگين چئلينج آهي، اخلاقي ۽ مالي ڪرپشن اسان جي قوم کي درپيش سنگين خطرن جي ذميوار آهي. هن چيو ته معاشري کي ان لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششون، موثر نگراني ۽ ڪنٽرول، پرعزم قيادت ۽ هڪ فعال معاش??ي جي ضرورت آهي. بدعنواني دفاع کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ اقتصادي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪرپشن قوم کي قيمتي ۽ ناياب سرڪاري ۽ نجي وسيلن کان محروم ڪري ٿي. سماجي ۽ اقتصادي فرق پيدا ڪري ٿي ۽ اقتصادي ڍانچي کي کائي وڃي ٿي. ڪرپشن رياستي ادارن جي ڪمزو??ي جو به سبب بڻجي ٿي. صد?? چيو ته بدعنواني جي خاتمي جو عالمي ڏهاڙو اسان کي بدعنواني جي خلاف جنگ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي غور ڪرڻ جو موقعو ??راهم ڪري ٿو. بدعنواني جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي جي لاءِ پوري طرح پرعزم ٿيڻ لازمي آهي. صد?? چيو ته ڪرپشن جي خلاف ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ذهانت، مهارت ۽ توانائين مان فائدو وٺڻو پوندو. معاش??ي جي سمورن طبقن جي ڪوششن کانسواءِ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن نه آهي. بدعنواني جي بنيادي سببن جو پتو لڳائڻ، بدعنواني جي ڪاررواين کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. صد?? چيو ته اخلاقي قدرن، انصاف ۽ سڀني جي لاءِ هڪ جهڙن موقعن تي ٻڌل سڌارن ۾ سول سوسائٽي جو ڪردار اهم آهي. بدعنواني جي خاتمي لاءِ ٺوس ڪوششون موثر ۽ پائيدار ٿي سگهن ٿيون. بدعنواني کي منهن ڏيڻ، شفافيت جي فروغ لاءِ پارلياماني نگراني وڌائڻ سان گڏ قانونسازي انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته بدعنواني کي پرکڻ ۽ انصاف جي ادارن جي صلاحيتن کي وڌائڻ به ضروري آهي. هڪ مضبوط سول سوسائٽي ۽ آزاد پريس عوامي عهديدارن کي ان جي عملن جو ذميوار قرار ڏيڻ جي لاءِ اهم آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي بدعنواني کي روڪڻ جي لاءِ اهم ڌرين ۽ ماڻهن کي متحد ڪرڻ گهرجي.