شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ماح??لي??تي خطرن جي خلاف عالمي ڍال“ جي قدم جي اهميت کي ساراهيندي چيو آهي ته ماح??لي??تي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ تعاون جي ضرورت آهي، ماح??لي??تي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرن??ڙ ملڪن ۾ مالي وسيلن کي ٺوس ۽ متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ بنيادي محرڪ جي طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه ڪوپ – 27 جي سربراهه اجلاس ۾ ”نقصانن ۽ زيان تي قدم ۽ تعاون ۾ اضافو – ماح??لي??تي خطرن جي خلاف عالمي ڍال“ بابت اعليٰ سطحي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي. گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني گڏيل طور تي جرمن چانسلر اولاف شولز ۽ گهانا جي صدر نانا اڪوفواڊو ڪئي. اجلاس ۾ ڪيترن ئي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جهڙا ڪمزور اسرن??ڙ ملڪ اڳ ۾ ئي ماح??لي??تي تبديلي جي سنگين ۽ تباهي ??ڻي??دڙ اثرن جو مشاهدو ڪري رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان جو ماح??لي??تي تبديلي ۾ تمام گهٽ حصو آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي صورتحال ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ”نقصان ۽ زيان“ جو مسئلو پاڪستان جي اهم ترجيحن مان هڪ آهي، هن ڪوپ – 27 جي ايجنڊا ائٽم جي طور تي ان جي شم??لي?? جي آجيان ڪئي. هن چيو ته اهو پهريون ڀيرو آهي جو سي او پي نقصان ۽ زيان جي لاءِ فنڊنگ جي انتظامن تي باضابطا طور تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جيڪو پاڪستان ۽ چين جي گروپ – 77 جي سربراهي ۾ اسرن??ڙ ملڪن جي مسلسل دٻاءُ جي ذريعي حاصل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ”ماح??لي??تي خطرن جي خلاف عالمي ڍال“ قدم جي اهميت کي ساراهيندي ماح??لي??تي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ته گهربل فنانسنگ سهولت کي اسرن??ڙ ملڪن ۾ نقصان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مالي وسيلن کي ٺوس ۽ متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ بنيادي محرڪ جي طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڪوپ – 27 ان سلسلي ۾ واضح ۽ حتمي فيصلو ڪرڻ جو وقت سر موقعو فراهم ڪيو آهي.