بيجنگ – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) چين ۾ پا??ستان جي سفير معين الحق چيو آهي، ته پا??ستان ۽ چين واپار، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچر، صنعت، زراعت ۽ آءِ ٽي جي اهم شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندا. ??ها ڳالهه هن وزيراعظم شهباز شريف جي چيني دوري کان اڳ چيني اخبار گلوبل ٽائيمز کي ڏنل انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته پا??ستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي، جن ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 20هين نيشنل ڪانگريس جي ڪامياب تقريب کان پوءِ چين ۾ دعوت ڏني وئي آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ خصوصي دوستي، اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد جو م??هر آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي دوري دوران چيني اڳواڻن، سينئر عهديدارن ۽ ڪاروباري برادري جي نمائندن سان ملاقاتون ڪندو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي وبائي مرضن، ماحولياتي تبديلي، مهانگائي ۽ غربت جهڙي عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ اسان پنهنجي ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو وٺڻ ??اءِ واپار، سيڙپڪاري، بنيادي ڍانچي، صنعت، زراعت ۽ آءِ ٽي ج?? مک شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جا بهترين موقعا فراهم ٿيندا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مشڪل وقت ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ ۽ مضبوط شراڪتداري ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته ٻوڏ دوران چين پا??ستان لاءِ ڀرپور حمايت سان گڏوگڏ بيلٽ اينڊ روڊ قدم بي آر آءِ تحت چين پا??ستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) لاءِ جاري تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ هاڻوڪي قدرتي آفت سبب ملڪ جي بحالي ۾ نئين رفتار کي متعارف ڪرائي رهيو آهي. پا??ستاني سفير چيو ته چين پا??ستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ رابطن کي گڏيل ايجنڊا ۾ مرڪزي اهميت ڏئي رهيو آهي.