بيجنگ_26 آڪٽوبر (اي پي پي) چين پاڪستان جي پوڏ متاثرن لاءِامداد جي نئين کيپ رواني ڪري ڇڏي آهي، چائنا اڪنامڪ نيٽ(ايس اي اي?? رپورٽ ۾ چيو آهي ته چين جي ريڊ ڪراس سو??ائٽي گو??نگشسي برا??چ پاران 3 لک آر اي?? بي ماليت جو عطيو ڪيل انساني امداد پاڪستان جي پوڏ متاثرن لاءِ رواني ڪئي وئي آهي جيڪا سمنڊ رستي ڪراچي بندر پهچندي، کيپ ۾ 4 هزار 286 ڪمبل شامل آهن، ان موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ريڊ ڪراس سو??ائٽي آف چائنا گو??نگ شي برانچ جي ايگزيڪٽو وائس چيئر مين وانگ لي پوڏ متاثرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ، چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن احمد فاروق آن لائن تقريب ۾ شرڪت ڪئ ۽ گو??نگ شي جو شڪريو ادا ڪيو، چين پاران اها امداد نيشنل ڊيزاسٽر منجمنٽ اٿارٽي آف پاڪستان (اين ڊي اي?? )کي ملي آهي.