اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف سان پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جي اعليٰ عدالتي ڪميشن کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته واقعي جون حقيقتون قوم آڏو آڻينداسين، يقين ڏياريا?? ٿو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظ?? چيو ته ڪينيا ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف سان جيڪو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اهو انتهائي مذمت جوڳو آهي، پاڪس??ان جي عوام جي ان مارجڻ تي انتهائي ڏکويل آهي ۽ ان واقعي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن سعودي عرب روانو ٿيڻ کان اڳ مون ڪينيا جي صدر سان پاڻ ڳالهه ڪئي ۽ ان کي گذارش ڪئي ته واقعي جي جاچ ??پو??ٽ اسان کي فوري طور تي موڪلي وڃي ۽ مڙهه فوري پاڪس??ان موڪلڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڪينيا جي صدر مون کي پورو يقين ڏياريو ته ان ڏس ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، ڪينيا جي صدر ان واقعي تي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظ?? چيو ته هن فيصلو ڪيو آهي ته ان واقعي جي اعليٰ عدالتي ڪميشن کان شفاف جاچ ڪرائي ويندي ۽ ان جي لاءِ هاءِ ڪورٽ جي جج جي لاءِ درخواست ڪنداسين، ان فيصلي جي ڪابينا کان پڻ توثيق ڪرائي ويندي. وزيراعظ?? چيو ته هي واقعو اسان سڀني جي لاءِ افسوس جوڳو آهي، قوم کي يقين ڏياريا?? ٿو ته ان جي شفاف جاچ ٿيندي ۽ حقيقتون قوم آڏو آڻينداسين.