اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪينيا ۾ ناليواري صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي افسوسناڪ موت تي ڏک جو اظهار ڪندي ڏکويل خاندان سان دل?? تعزيت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر کي 24 آڪٽوبر جي صبح ارشد شريف جي موت جي ابتدائي خبر ملي. بيان ??وجب هاءِ ڪمشنر ان جي موجب پوليس ع??لدارن ۽ گهرو وزارت کانسواءِ ٻين کاتن جي سينيئر عملدارن سان رابطو ڪيو، جڏهن ته تصديق جي لاءِ ڪينيا جي نائب صدر جي آفيس سان به رابطو ڪيو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪينيائي ڄائي پاڪستانين کي به متحرڪ ڪيو ويو. مشن کي ٻڌايو ويو ته لاش نيروبي جي چيرو موفيونرل هائوس ۾ آهي. بيان ??وجب هاءِ ڪمشنر مشن جي آفيسرن سان گڏ اتي پهتي ۽ هن ارشد شريف جي ميت جي سڃاڻپ ڪئي. وقتي پرڏيهي سيڪريٽري ارشد شريف جي گهروارن سان ??لاقات ڪئي ۽ ان افسوسناڪ خبر جي تصديق ڪندي پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پاران انهن سان دل?? تعزيت جو اظهار ڪيو. مرحوم جي گهروارن کي پرڏيهي وزارت پاران ??ر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي وئي آهي. بيان ??وجب پوليس رپورٽ سميت وڌيڪ ڪارروائي جو انتظار آهي. هاءِ ڪميشن ميزبان عملدارن سان گڏجي ارشد شريف جي ميت جي جلد وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ??ندي.