اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي جرمني، اسپين، بيلجيم، ليبيا، ڪينيا ۽ ايٿوپيا جي نامزد سفيرن ڪالهه سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ص??ر سان پاڪستان ۾ جرمني ??ي سفير الفريڊ گريناس، اسپين ??ي سفير جوز انتونيا دي اوري پرل، بيلجيئم ??ي سفير چارلس ڊيگون، ليبيا ??ي سفير معمر زيدو عبدالمطلب، ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر ميري نيمبورا ڪمائو ۽ ايٿوپيا ??ي سفير جمال بڪر عبدالله جدا جدا ملاقاتون ڪيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جرمني ??ي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته جرمني پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ وڏن ملڪن مان هڪ آهي، هوا، شمسي توانائي ۽ هائيڊل پاور پراجيڪٽس ۾ مهارت رکندڙ جرمن ڪمپنيون انهن شعبن ۾ موجود موقعن ۽ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن چيو ته جرمن سيڙپڪار سي پيڪ تحت پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي وسيع امڪانن جي ڏس ۾ واپار جي موجوده سطح کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ض??ورت آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي ض??ورت آهي. ص??ر سان پاڪستان ۾ اسپين جي نئين سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ اسپين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ض??ورت آهي. صدر جي ايس پي پلس اسڪي?? تي پاڪستان جي لاءِ اسپين جي حمايت کي ساراهيو. هن پاڪستان ۽ اسپين جي وچ ۾ دفاعي تعاون جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ض??ورت تي زور ڏنو. ص??ر سان بيلجيئم جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته واپاري وفدن جي مٽاسٽا، واپاري ميلن ۾ شرڪت ۽ گڏيل منصوبن سان واپاري تعاون وڌائي سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي 1.35 ارب ڊالر جي موجوده سطح کان وڌيڪ وڌائڻ جي ض??ورت آهي. هن چيو ته زراعت، پورٽ هينڊلنگ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ بامعنيٰ تعاون جي ض??ورت آهي. بعد ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ليبيا جي نئين سفير پڻ ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ليبيا جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ض??ورت آهي، اميد آهي ته 11 سالن جي وقفي کانپوءِ مقرر ٿيندڙ نئون سفير ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. ص??ر سان پاڪستان ۾ ڪينيا ??ي سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ڪينيا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، ڪينيا آفريقا ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو برآمدي ۽ ٻيو وڏو درآمدي حصيدار آهي. ڊاڪٽر عارف علوي واپار، معيشت، دفاع ۽ بارڊر مئنيجمينٽ جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ۽ هم آهنگي جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ??يو. ص??ر سان پاڪستان ۾ ايٿوپيا ??ي سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر ايٿوپيا پاران اسلام آباد ۾ سفارتي مشن کولڻ جي فيصلي کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته فيصلي سان لاڳاپن ۾ بهتري ايندي، دوستي ۽ تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هوابازي جي شعبي ۾ وڌندڙ تعاون کي ساراهيو. صدر ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ 2 هفتيوار سڌوسنئون اڏامن جي پڻ آجيان ڪئي.