دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي جي بلن ۾ واپارين تي فڪس ٽيڪس، هڪ ڪ??وڙ 71 لک صارفين ۽ ٽي لک ٽيوب ويلز جي لاءِ فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ??ندي چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي نااهلي سان ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويو هو، اتحادي حڪومت جي پرخلوص ڪوششن ۽ محنت سان ??يوالپڻو ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو آهي، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ جلد ڪامياب ٿي وينداسين، آءِ ايم ايف سان مشاورت کانپوءِ عوام کي ريليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گذريل حڪومت جي چار سال جي نااهلي جو چئن مهينن ۾ جواب ڪيئن ڏئي سگهون ٿا، پاڪستان جي عوام کي احساس هجڻ گهرجي ته انهن جي حڪومت پوري طرح سان انهن جون حالتون بدلائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر پهچڻ تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراع??م چيو ته جڏهن موجوده حڪومت اقتدار ۾ آئي ته اسان آڏو ٻه هدف هئا، اڳوڻي حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي ۽ نااهلي جي ڪري ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويو هو، ملڪي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت هئي، ٻيو ماضي جي حڪومت جي نااهلي ۽ غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آيو، دنيا ۾ به اها ئي صورتحال هئي، موجوده حڪومت مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جيتوڻيڪ ان ۾ خاطرخواهه ڪاميابي ناهي ملي پر ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ مهانگائي جي جن کي به بوتل ۾ بند ڪيو ويندو، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ جلد ڪامياب ٿي وينداسين. وزيراع??م چيو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ??ڍڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، تازي بجيٽ ۾ واپارين تي مخصوص ٽيڪس هنيو ويو ۽ واپارين تي فڪس ٽيڪس بجيٽ کان اڳ واري ڳالهه ٻولهه جي روح جي خلاف آه??، فڪس ٽيڪس سان ننڍن واپارين کي تمام گهڻي مالي بار کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته اهو ٽيڪس هڻڻ حڪومت جي نه منشا هئي ۽ نه ئي ان جي هدايت ڪئي وئي هئ??، فڪس ٽيڪس جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا ان جي مڪمل جاچ ڪندي، واپارين تي 3 هزار، 6 هزار ۽ 10 هزار جي شرح سان فڪس ٽيڪس هنيو ويو هو، هاڻي ختم ڪيو ويو آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آه??، فڪس ٽيڪس جي خاتمي سان 42 ارب رپين جو خسارو ٿيندو پر اهو ٻين وسيلن سان پورو ڪيو ويندو، ننڍن واپارين کي مشڪلاتن ۾ اسان اسان وجهڻ نه پئي چاهيو، فڪس ٽيڪس جو مقصد اهو هو ته واپارين کي انڪم ٽيڪس جي ادارن جي چيره دستين کان بچائي سگهجي پر هتي ابتي گنگا وهڻ شروع ٿي وئي، واپارين کي فڪس ٽيڪس جي معاملي تي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. وزيراع??م چيو ته ٻاهرئين ملڪ مان جيڪڏهن وڌيڪ قيمت تي تيل درآمد ڪيو وڃي ته پوءِ ايندڙ مهيني جي بجلي جي بلن ۾ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ڪئي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن سستو تيل درآمد ٿيو ته پوءِ فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ ۾ بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي ??ئي ٿي جيئن ته عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو هو ان لاءِ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو جيڪو عام ماڻهو جي لاءِ ناقابل برداشت هو ۽ ان سان ??روڙين صارفين تي بار پيو، ان معاملي جو به فوري نوٽيس ورتو ويو ۽ چار پنج ڏينهن کان ان تي غور ٿي رهيو هو، مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف جي اها هدايت هئي ته ڪنهن به طور تي اهو قابل قبول نه آهي، ميان نواز شريف ۽ اتحادي پارٽين جي قائدين جي مشاورت سان فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي وصولي ختم ڪئي وئي آهي، آءِ ايم ايف سان ??رپور مشاورت کانپوءِ عوام کي ريليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ بجلي جي ٽي ڪ??وڙ صارفين مان هڪ ڪ??وڙ 71 لک صارفين جي لاءِ فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز ختم ڪيا ويا آهن، باقي هڪ ڪ??وڙ 30 لک صارفين جن ۾ سرندي وارا ماڻهو شامل آهن، انهن کي به ريليف ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. وزيراع??م چيو ته اسان مشڪل دور مان ??ذري رهيا آهيون، قطر اسان جو ٻيو گهر آهي، قطر سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سانڳ الهه ٻولهه ٿي آهي ته جيئن پاڪستان جي عوام جي خوشحالي جي لاءِ منصوبا شروع ڪيا وڃن ۽ ان تي عملدرآمد ٿئي، عوام جي خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون، عوامي ڀلائي جي منصوبن تي سياست ڪرڻ تي يقين نه ٿا رکون پر 2019ع ۽ ان ??انپوءِ جي منصوبن تي عملدرآمد جي حوالي سان اسان ??ان سوال ڪيا ويا آهن، گذريل حڪومت جي چار سال جي نااهلي جو چئن مهينن ۾ جواب ڪيئن ڏئي سگهون ٿا. وزيراع??م چيو ته روئڻ ڌوئڻ سان ??جهه نه ٿيندو، عملي قدمن تي يقين رکون ٿا، خلوص ۽ استقامت سان محنت ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجو خون ۽ پگهار وهائڻو پوندو ته الله تعاليٰ سان جا ڏينهن ڦيريندو ۽ سٺا ڏينهن ايندا، ڏينهن رات هڪ ڪري پاڪستان جي تقدير بدلائينداسين. وزيراع??م چيو ته بجلي وارو وفاقي وزير خرم دستگير اڄ اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي حوالي سان فيصلن تي عملدرآمد بابت تفصيلن کان آگاهه ڪندو. هن چيو ته ٽي لک ٽيوب ويلن کي به فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ کان ??وٽ ڏني وئي آهي، انهن کي به ڪا ادائيگي نه ڪرڻي پوندي، حڪومتي قدمن سان پاڪستان جي عوام کي احساس ٿيندو ته انهن جي حڪومت پوري طرح سان انهن جون حالتون بدلائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.