اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ??رڪ??ه ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپار (مصنوعات جي واپار) جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. معاهدي تي صحيحن واري تقريب وزيراعظم آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ??رڪ??ه جي واپار واري وزير مهمت موش ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ??رڪ??ه جي واپار واري وزير مهمت موش معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ??رڪ??ه زرعي ۽ صنعتي شعبن جي پاڪستان جي مختلف مصنوعات جي برآمد تي 261 ??ير?? لائينز جڏهن ته پاڪستان 130 ??ير?? لائينز جي رعايت ڏني آهي. ٻطرفي واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ 2016ع ۾ پاڪستان ۽ ??رڪ??ه جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون ۽ ان وقت ??رڪ??ه جي معيشت واري وزير مصطفيٰ علي تاس ۽ پاڪستان جي واپار واري وزير خرم دستگير خان صحيحون ڪيون هيون. فريم ورڪ معاهدي تحت مختلف اهڙن شعبن جي نشاندهي جي لاءِ گڏيل اسٽڊي شروع ڪئي جنهن ۾ واپار جي راهه ۾ ايندڙ ??ير?? جون رڪاوٽون ختم ڪري ٻئي ملڪ اڳڀرائي ڪري سگهيا پئي. مئي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ??رڪ??ه جي دوري کان اڳ تائين ترجيحي واپار جي معاهدي تي ڳالهين جو عمل سستي جو شڪار رهيو. ان د??ري کانپوءِ ترجيحي واپار جي معاهدي تي تيزي سان اڳڀرائي ٿي ۽ ان معاهدي جي لاءِ ڳالهيون 19 دورن کانپوءِ 12 آگسٽ تي معاهدي کي صحيحن جي لاءِ حتمي شڪل ڏني وئي. مصنوعات جي واپار جي معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ترجيحي واپار جي معاهدي تحت پاڪستان 216 ??ير?? لائينز ۾ مارڪيت تائين پهچ حاصل ڪئي آهي ۽ انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي برآمدات جو ڪاٿو 5.1 ارب ڊالر جڏهن ته ??رڪ??ه جي انهن مصنوعات جي عالمي درامدات 7.6 ارب ڊالر آهي. پاڪستان جن 130 ??ير?? لائينز تي رعايت ڏني آهي انهن ۾ ??رڪ??ه جي عالمي برامدات 23 ارب ڊالر آهي جيڪا ??رڪ??ه جي عالمي برآمدات جو 12 سيڪڙو بڻجي ٿي جڏهن ته انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي درآمدات 6 ارب ڊالر آهي. 22 – 2021ع ۾ پاڪستان ۽ ??رڪ??ه جو ٻطرفو واپاري ڪاٿو 883 ملين ڊالر رهيو جن ۾ پاڪستان جي ??رڪ??ه جي لاءِ برآمدات جو ڪاٿو 366 ملين ڊالر جڏهن ته ??رڪ??ه سان پاڪستان جي برآمدات 517 ملين ڊالر هئي ۽ 22 – 2021ع ۾ واپاري توازن ??رڪ??ه جي حق ۾ 151 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.