اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غي??قانوني قبضي هيٺ ڪشمير 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غي??قانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي خلاف اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز سان ملهايو ويو، استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اندرون ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ ريلين ۽ جلسن جلوسن کانسواءِ سيمينارز ۽ ڪانفرنسز سميت ڪيترن ئي پ??وگرامن جو اهتمام ڪيو ويو. ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون ويون جن ۾ هر طبقه فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏنو ته پاڪستاني عوام انهن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فوج جي ظلمن جي خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. ??رڏ??هي وزارت جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ 2019ع جي غي??قانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن جي خلاف ??رڏ??هي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ??رڏ??هي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ ??رڏ??هي آفيس جو عملو، حريت ڪانفرنس جا اڳواڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو به شريڪ ٿيا. ان کان اڳ واڪ جي شرڪت ڪندڙ ڀارت جي غي??قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ??رڏ??هي آفيس ۾ گڏ ٿيا جنهن کانپوءِ ??رڏ??هي آفيس استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان زاهد زمان جو نغمو جاري ڪيو. ڪشمير بابت اهو نغمو زاهد زمان خصوصي طور تي تيار ڪيو هو. ريلي جا شرڪت ڪندڙ بعد ۾ ??رڏ??هي آفيس کان شاهراهه دستور کان ٿيندي پ??رليامينٽ هائوس پهتا. ??رڏ??هي وزارت مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪيترن ئي پ??وگرامن جو اهتمام ڪيو هو. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي ڪشمير جي پ??ڪستان جي رشتي ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ڪرڻو آهي، اسان کي بطور قوم ان عزم جو ورجاءُ ۽ تجديد ڪرڻ گهرجي ته ڪشمير سان اسان جو عزم لازوال آهي ان ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه ٿيندي. ان موقعي تي وزيراعظم جي ڪشير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته هي ريلي اهڙن ڪڌن ڏينهن کي ملهائڻ جي لاءِ آهي جيڪي 70 سالا ڏاڍ سان ڀرپور آهن پر ڪشميرين جو جذبو هر حربي جي باوجود ڪمزور نه ٿيو، جيڪي قومون اهو جذبن رکن ٿيون انهن کي دٻائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته ڪشميرين جو حوصلو ٽوڙڻ ۾ ناڪامي تي 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير جي آئيني ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪري ان جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميرين به 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غي??آئيني قدمن جي مذمت جي لاءِ استحصال ڏهاڙو ملهايو. پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڀارت جي غي??قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي غي??قانوني، غي??اخلاقي ۽ غي??آئيني قدم جي مذمت ۽ ڀارتي فوجي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي مقوعي تي استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو. ملڪ جي سمورين سياسي ۽ مذهبي پ??رٽين جي ڪارڪنن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ريلين ۽ ٻين سرگرمين جي ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڀارتي رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو. سول سوسائٽي جي تنظيمن به ڪشميري عوام جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ ٻين پروگرامن جو اهتمام ڪيو. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ سائرن وڄائي ٽريفڪ کي هڪ منٽ جي لاءِ روڪيو ويو. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز تي پ??ڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄايا ويا. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي اسلام آباد کانسواءِ صوبائي گادي وارن شهرن جي اهم رستن تي ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پوسٽرز ۽ بل بورڊز هنيا ويا هئا. استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان صدر، وزيراعظم، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار، آزاد ڪشمير جي صدر ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جا پيغام نشر ۽ جاري ڪيا ويا. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غي??قانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڪشمير تي پنهنجي غي??قانوني قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي خلاف پوري پ??ڪستان ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سخت احتجاج ڪيو. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي غي??قانوني قدمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۽ ٻاهرئين ملڪ ڀارت جي سفاڪيت ۽ غي??قانوي قدمن کي بي نقاب ڪيو ويو. استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اطلاعات واري وزارت پاڪ چائنا سينٽر ۾ تصويري نمائش جو اهتمام ڪيو هو، ٽي وي چينلز ۽ ريڊيو پاڪستان تي به ڏينهن جي مناسبت سان خصوصي پ??وگرامز هلايا ويا، ??رڏ??هي وزارت ۾ هڪ تقريب ۾ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ نغمو پڻ جاري ڪيو ويو. پاڪستان جي سمورن شهرن کانسواءِ مظفرآباد سميت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سمورن شهرن ۾ به تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو هو. استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اهم جاين تي خصوصي بينرز هنيا ويا هئا جڏهن ته هوائي اڏن، ريلوي اسٽيشنز ۽ سمورين ميٽرو بس اسٽيشنز کانسواءِ موٽرويز ۽ سمورن ٽال پلازائن تي بينرز هنيا ويا. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي سمورن صوبائي ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ پڻ ڏينهن جي مناسبت سان خصوصي پ??وگرام منعقد ڪيا ويا.