اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم اڄ اڱاري ڏينهن ??اروباري برادري سان بجيٽ تي مشاورت جي حوالي سان پري بجيٽ سيمينار کي اهم خطاب ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ويزن جي تعبير جي لاءِ پري بجيٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. هن ??يو ته وزيراعظم جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر خطه ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي، شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر اچن، انهن ??ي ??ند??ي جي تلخين مان ڇوٽڪارو ملي ۽ هڪ بهتر ??ند??ي ملي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته وزيراعظم پاڪستان کي درپيش معاشي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري قدمن تي خيان جي ڏي وٺ ڪندو. وزيراعظم مالي سال 23 – 2022ع جي بجيٽ لاءِ تجويزون حاصل ڪندو. هن ??يو ته وزيراعظم زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن جي ڪاروباري شخصيتن سان چارٽر آف اڪانومي جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وزيراعظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويز وٺندو ۽ انهن ??ي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو.